ڇاري ڍنڍ

ڇاري ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ بلڙي شاهه ڪريم تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کي ميران شاخ مان پاڻي ملي ٿو ۽ ميران شاخ ڪوٽڙي بئراج جي پنڃاري واهه مان نڪري ٿي. هيءَ ڍنڍ علائقي ۾ موجود هڪ ٻيءَ وڏيءَ ڍنڍ اَڇ کان ايراضيءَ ۾ وڏي ۽ پکڙيل آهي. هيءَ ڍنڍ ٻڌڪا ٽڪرن ڀرسان سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي موجود تاريخي ڳوٺ جمارين ۽ ملاڪاتيار جي وچ تي آهي. هن ڍنڍ تي سياري ۾ پکي اچي لهندا آهن. هن ڍنڍ ۾ پاڪستان جو اڳوڻو صدر ايوب خان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جا حڪمران شڪار ڪري چڪا آهن. هيءَ ڍنڍ اڇ ڍنڍ جي سامهون روڊ جي کاٻي طرف آهي. هن ڍنڍ ۾ 12 ئي مهينا پاڻي رهي ٿو. هن جي اوڀر ۾ کوکر ڳوٺ، اولهه ۾ ٻڌڪا ٽڪر، جماري، جھرڪ ۽ سنڌو درياهه آهن ۽ اتر ۾ ملاڪاتيار آهي. هيءَ ڍنڍ هڪ وڏي ۽ وسيع ڇر آهي، جيڪا حد نظر تائين ڦهلجي وڃي ٿي. هن تي سياري ۾ هزارن جي تعداد ۾ پرڏيهي پکي اچن ٿا. ڇاري ڍنڍ ۾ مڇي گھٽ ۽ پکي گھڻو ٿيندو آهي.


لفظ ڇاري ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو